لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ڪوهيري ۽ هوائي گدلاڻ جي ڪري مختلف ملڪي ۽ پرڏيهي اڏامون دير جو شڪار رهيون، جڏهن ته ريلوي سروس به متاثر ٿي. فلائيٽ شيڊيول موجب پنجاب ۾ ڪوهيري سبب اڄ به ملتان ۽ فيصل آباد جون 3 اڏامون متبادل متقل ڪيون ويون، جڏهن ته 2 اڏامون رد ڪيون ويون. جدي ملتان جي پرڏيهي ايئر لائين جون 2 اڏامون رد ڪيون ويون، دبئي ملتان جي خانگي ايئرلائين جي اڏام ڪراچيءَ ۾ لاٿي وئي، جڏهن ته ڪراچي ملتان جي اڏام کي لاهور ۾ لينڊ ڪرايو ويو. ان کان سواءِ شارجه فيصل آباد جي پرڏيهي ايئرلائين جي اڏام لاهور ۾ لاٿي وئي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ٽوٽل 36 ملڪي ۽ پرڏيهي اڏامون دير جو شڪار رهيون. ٻئي طرف ڌنڌ ۽ ڪوهيري جي ڪري ٽرينن جي اچ وڃ به متاثر رهي، ريلوي عملدارن موجب ڪراچيءَ کان راولپنڊي ويندڙ تيزگام ايڪسپريس 3 ڪلاڪ دير سان رواني ٿي، ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ رحمان بابا ايڪپسريس کي روانگيءَ به 5 ڪلاڪ دير ٿي، لاهور کان ڪراچي ويندر پاڪ بزنس 8 ڪلاڪ دير سان رواني ڪئي وئي. ريلوي عملدارن موجب ڪراچيءَ کان سيالڪوٽ ويندڙ علامه اقبال ايڪپسريس ۽ لالا موسيٰ کان ڪراچي ويندڙ ملت ايڪسپريس به 5،5 ڪلاڪ دير جو شڪار رهيون، ٻئي طرف ڪراچيءَ کان ملتان ويندڙ بهائوالدين ذڪريه ايڪسپريس پڻ 4 ڪلاڪ دير سان رواني ڪئي وئي.