ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ايئرپورٽ جي حدن ۾ چيني شهرين تي حملو ٿيو هو، آپگهاتي بمبار جو نالو شاهه فهد شاهه عرف آفتاب هو، گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ آءِ جي سنڌ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي صوبائي گھرو وزير جو چوڻ هو ته رات جو 11 وڳي 2 منٽن تي چيني شهرين تي حملو ڪيو ويو، آپگهاتي بمبار جا 2 سهولتڪار به هئا، ضياءُ الحسن لنجار چيو ته آپگهاتي حملي لاءِ ڪراچي مان شوروم تان گاڏي ورتي وئي، دهشتگردن حملي لاءِ71 لک رپين ۾ گاڏي خريد ڪئي، سي ٽي ڊي ۽ ڳجهن ادارن واقعي جون شاهديون گڏ ڪيون آهن، سندس چوڻ هو ته دهشتگردن جھڙتيءَ کان بچڻ لاءِ گاڏي ۾ عورتن کي ويهاريو هو، دهشتگردن جي ساٿي عورت کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. صوبائي گھرو وزير وڌيڪ چيو ته 3 دهشتگرد گرفتار ڪيا آهن، سهولتڪاري ۾ رڪشا ڊرائيور ۽ بينڪ ملازم ملوث آهن، جوابدار جاويد عرف سميع ايئرپورٽ حملي جو ماسٽر مائينڊ آهي، حملي جي ماسٽر مائينڊ ۽ سهولتڪار کي آر سي ڊي هاءِ وي تان گرفتار ڪيو ويو، حملي ۾ استعمال ٿيل گاڏي ڪراچي مان خريد ڪئي وئي هئي ۽ رقم خانگي بئنڪ ذريعي ادا ڪئي وئي، دهشتگردن جي وڏي نيٽ ورڪ کي وائکو ڪيو آهي، پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن.
