ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي ريل گاڏيون ڪلاڪن جا ڪلاڪ دير جو شڪار آهن، جنهن جي ڪري مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ مسافرن کي پريشانين سان منهن ڏيڻو پيو پوي، ريلوي اختيارين موجب خيبر ميل 7 ڪلاڪ، سکر ايڪسپريس 5 ڪلاڪ ۽ پاڪستان ايڪسپريس 6 ڪلاڪ دير سان روانيون ڪيون ويون، ريلوي انتظاميا جو چوڻ آهي ته مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي سبب ٽرينن جي اچ وڃ ۾ دير ٿي رهي آهي.