غزه سٽي (ويب ڊيسڪ) غزه تي يهودي فوج جا حملا جاري آهن، جن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 28 فلسطيني شهيد ٿي ويا، اسرائيلي فوج نصيرت پناهگيرن جي ڪيمپ تي بمباري ڪئي، زخمين ۽ لاشن کي العوده اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسرائيلي فوج غزا شهر ۽ بيت حنون ۾ گهرن تي حملا ڪري 5 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو، گذريل سال آڪٽوبر کان جاري غزه جنگ ۾ اسرائيلي حملن ۾ 43 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا.