لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پي سي بي حڪومتي هدايتن تي آءِ سي سي کي خط لکي ڇڏيو، پي سي بيءَ پاڪستان حڪومت جي سخت موقف کان آگاهه ڪيو ۽ ڀارت جي پاڪستان نه اچڻ جا ٺوس سبب به معلوم ڪيا آهن، پي سي بيءَ پاران آءِ سي سيءَ کي لکيل خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ٿيندي، هائبرڊ ماڊل قبول ناهي، پي سي بيءَ پاران سوال ڪيو ويو آيه ته ٻيون ٽيمون پاڪستان اچي سگهن ٿيون ته پوءِ ڀارت کي ڪهڙو مسئلو آهي؟ ڀارت بدران ڪنهن ٻي ٽيم کي گهرائي سگهجي ٿو.