سڳيون (ويب ڊيسڪ) سڳيون ڀرسان غربت ۽ معاشي بدحالي نوجوان پورهيت کان حياتي کسي ورتي، ڳوٺ نواڙو شريف واسي شهزادو اوٺي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، فوتي جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته شهزاد ڪالهه گهران نڪري ويو هو ۽ هو رات جو دير تائين گھر واپس نه آيو، صبح جو سندس وڻ ۾ ڦاهو کاڌل لاش لاش مليو آهي، نوجوان جي ڀاءُ وڌيڪ چيو ته ڀاءُ غربت ۽ معاشي بدحاليءَ سبب پريشان رهندو هو.