ملير (ويب ڊيسڪ) ملير جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ مڙس هٿان زال قتل، ملير جي شاهه لطيف ٽائون جي سيڪٽر اَي 16 ويجھو گھر مان عورت جو ڳلو ڪپيل لاش مليو هٿ آيو، مقتولا جي سڃاڻپ 43 ورهين جي پروين جي نالي سان ٿي، پوليس موجب جوابدار علي حسن شيخ پنھنجي گھر واري کي غيرت جي نالي تي چاقو جا وار ڪري قتل ڪيو.