پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور سميت خيبرپختونخواه جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي لوڏن سبب ماڻهو خوف وچان گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا، نوشهره، مانسهره، هزاره ۽ سوات سميت مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جا لوڏا صبح جو 10 لڳي 13 منٽن تي محسوس ڪيا ويا، زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي سختي 5 ڏهائي 3 ريڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جي گهرائي 220 ڪلوميٽر ۽ مرڪز هندوڪش وارو علائقو هو.