ڳيريلو (ويب ڊيسڪ) ڳيريلو ڀرسان گهر تي هٿياربندن جي حملي ۾ ماءُ ۽ پٽ قتل ٿي ويا جڏهن ته پيءُ ۽ ڌيءَ زخمي ٿي پيا، ڳوٺ ڪرم شاهه ۾ هٿياربندن معشوق گاڏهي جي گهر تي حملو فائرنگ ڪري ڏنو، گوليون لڳڻ سبب گهرڌڻي جي گهرواري زاهده ۽ سندس نوجوان پٽ ماجد ٿڏي تي قتل ٿي ويا، معشوق گاڏهي ۽ سندس نياڻي مرڪ سخت زخمي ٿي پيا، واقعي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين ۽ لاشن کي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو. واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو.