ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شرجيل انعام ميمڻ پاران ريڊ لائين ۽ بي آر ٽي منصوبن تي هلندڙ ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٻنهي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته جديد ترين ڊزائين تي ٻڌل منصوبا شهرين کي رليف فراهم ڪندا، سموري ٽيم منصوبن کي وقت سر مڪمل ۽ ڪامياب ڪرڻ لاءِ سرگرم رهي.