ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽيسنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي کي هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪيو آهي، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي واضح اعلان ڪري ٿي ته نون ڪئنالن جي مخالفت ڪريون ٿا، قومپرست پارٽين کي به سلام آهي ته اُهي 6 ڪئنال اڏڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن، جڏهن درياهه ۾ پاڻي ئي ناهي ته پوءِ 6 ڪئنال ڪيئن ٺاهيا پيا وڃن؟ سنڌ خلاف هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين.