اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيمپيئنز ٽرافي جي لاءِ هائبرڊ ماڊل قبول نه ڪرڻ واري پنهنجي موقف تي سختيءَ سان قائم آهي، ذريعن موجب چيمپيئنز ٽرافي جي لاءِ ڀارت جي پاڪستان اچڻ کان انڪار ۽ ان کان پوءِ ڀارتي ميڊيا طرفان هائبرڊ ماڊل جي ڳالهين باوجود پاڪستاني عملدار هائبرڊ ماڊل کي قبول نه ڪندي پنهنجي موقف تي سختيءَ سان قائم آهن، ذريعن موجب ان سلسلي ۾ پاڪستان سمورن اسٽيڪ هولڊرز وٽ پنهنجو موقف پهچائي ڇڏيو آهي، پاڪستان جي سخت موقف انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي پريشانين ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب مالي معاملن ۾ نقصان جي کٽڪن سبب آءِ سي سي بحراني صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ تازي ڊيڊ لاڪ جي ڪري چيمپيئنز ٽرافي جي شيڊيول جو اعلان به ناهي ڪيو ويو. آءِ سي سيءَ ”100 ڏينهن ٽو گو“ جي موقعي تي چيمپيئنز ٽرافيءَ جي شيڊيول جو اعلان ڪندي پروگرام بڻايو هو، آءِ سي سي کي ايونٽ مان 90 ڏينهن پهريان هر صورت ۾ شيڊيول جو اعلان ڪرڻو آهي، 20 نومبر تائين اعلان نه ڪرڻ جي صورت ۾ آءِ سي سي کي قانوني قدمن سان منهن ڏيڻو پئجي سگھجي ٿو. ذريعن موجب ڪمرشل پارٽنرز کي ايوينٽ کان اڳ گھٽ ۾ گھٽ ايترو وقت گھربل هوندو آهي ۽ کين شيڊيول موجب مارڪيٽنگ ڪرڻي پوندي آهي. آءِ سي سي جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت کان سواءِ ٽورنامينٽ جو انعقاد ڪرڻ ممڪن ناهي، ايئن ڪيو ويو ته آءِ سي سيءَ کي سخت مالي نقصان ٿيندو جڏهن ته پاڪستان مان جيڪڏهن ايوينٽ شفٽ ٿئي ٿو ته پاڪستان قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو حق استعمال ڪندو. ياد رهي ته ڀارت پاڪستان ۾ ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي جي لاءِ پنهنجي ٽيم موڪلڻ کان انڪار ڪيو آهي.