اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ غير ملڪي اثاثن، بينڪ اڪائونٽس خلاف درخواست ڏنڊ سان گڏ خارج ڪري ڇڏي، ان موقعي جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، اليڪشن ڪميشن غير ملڪي اڪائونٽس، اثاثن تي قانون سازي ڪيئن ڪري سگهي ٿو؟ درخواست گذار موقف اختيار ڪيو هو ته غير ملڪي اثاثن بينڪ اڪائونٽس تي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي.ان تي جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو ته ان معاملي تي قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته پارليامينٽ کي قانون سازي ڪرڻ جو نٿا چئي سگهون، جسٽس امين الدين خان چيو ته درخواستگذار پنهنجي تڪ جي چونڊيل نمائندي سان رابطو ڪري.