ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سهپ ۽ رواداري واري سنڌ جي سِري هيٺ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان جي آجيان، سياسي سماجي اڳواڻن، آرٽسٽن توڙي ڌرتي ڌڻين طرفان ڌرتي ٽي ويءَ جي سڏ کي ڀرپور موٽ، صوبائي وزير سيد سردار شاهه ڌرتي ٽي ويءَ جي ڪوٺ بعد چيو ته سنڌ سهپ، رواداري، محبت، پيار، انسانيت ۽ مذهبي هم آهنگي سنڌ جو چهرو آهي، سهپ ۽ رواداري واري سنڌ جي سِري هيٺ ثقافتي ڏهاڙو ملهائي دنيا کي ٻڌائينداسين ته سهپ ۽ رواداري جو ڪلچر هزارين سال پراڻو آهي، ڪراچي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي صدر سيد احمد شاهه چيو ته سنڌ جي هزارين ورهيه آڳاٽي تهذيب ۾ سهپ ۽ رواداري آهي، ڌرتي ٽي وي سنڌ سان جڙيل آهي، سهپ ۽ رواداري واري سري جي آجيان ڪجي ٿي.