ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ هلندڙ مهيني دوران ڊينگي جا 174 ڪيس رپورٽ ٿيا، صحت کاتي جي ترجمان موجب صوبي ۾هلندڙ سال 2 هزار 2 سئو 37 ماڻهو ڊينگي جو شڪار ٿيا، ڪراچي ڊويزن ۾ هلندڙ سال ڊينگي جا هڪ هزار 875 ڪيس ظاهر ٿيا، ڪراچي ۾ نومبر مهيني دوران ڊينگي جا 129 ڪيس سامهون آيا، ڪراچي ۾12 نومبر تي ڊينگي جا 11 ڪيس رپورٽ ٿيا، اوڀر ضلعي ۾ 3 ۽ سينٽرل ۾ جا 4 ڪيس رپورٽ، ڏکڻ ۽ ڪورنگي ضلعن ۾ ڊينگي جا 2_2 ڪيس رپورٽ ٿيا، هلندڙ سال ڊينگي ۾مبتلا هڪ شخص فوت ٿيو.