اسلام آباد (ويب ديسڪ) قاضي فائز عيسيٰ جي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور مقرري خلاف نظرثاني درخواست خارج، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني آئيني بينچ ٻڌڻي ڪئي، جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته هاڻ ته قاضي فائز عيسيٰ جي جان ڇڏيو، هي روسٽرم سياسي مقررين لاءِ نه آهي، هي نظرثاني آهي، ڪيس ٻيهر اوپن نٿا ڪري سگهون، وڪيل رياض حنيف رامي جو چوڻ هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ڪيس تي عدالت 40 سال بعد فيصلو ڏنو ويو.