ننڪانه صاحب (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري لاڙڪاڻي واسي واپاري کي قتل ڪري ڇڏيو ، ننڪانه صاحب ٽول پلازه وٽ ڦر دوران مزاحمت تي واپاري راجيش کي هٿياربند گوليون هڻي فرار ٿي ويا، راجش ڪٽنب سان گڏ ننڪانه صاحب ۾ بابا گرونانڪ جي جنم ڏڻ جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ويل هو.