ڪراچي (ويب ديسڪ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني 24نومبر تي احتجاج جو سڏ ڪهڙي بنياد تي ڏنو آھي، عوام هاڻي پي ٽي آءِ جي احتجاج جي سڏ کي سنجيده ناهي وٺندو، احتجاج جي آڙ ۾ ٻيهر 9 مئي ٿيڻ نه ڏينداسين، سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، لنڊن ۾ خواجا آصف سان افسوسناڪ واقعو پيش آيو، غلام ناهيون وارو بيانيو ٺاهيندڙ اڄ آمريڪا کان مدد گهري رهيا آهن، ڪنهن به ملڪ کي پاڪستان جي اندرين معاملن جي مداخلت ڪرڻ جي اجازت، ناهي، شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني کي ايڪسٽينشن تي گهڻو اعتراض ناهي، ڇا پي ٽي آءِ باني جنرل باجوه جي مدي ۾ واڌ نه ڪئي هئي، ڪراچي جي شهرين لاءِ اسٽيٽ آف دي آٽ ٽرانسپورٽ سروس شروع ڪري رهيا آهيون.