اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته مسلم ليگ نواز پيپلزپارٽي سان معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، اسان نئين ڪئنالن تي اتفاق نٿا ڪيون، جڊيشل ڪميشن مان احتجاجن ڌار ٿياسين، آئين سازي وقت حڪومت پنهنجي ڳالهين کان پوئتي هٽي وئي. پ پ پ چيئرمين پاران جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي هڪ ملڪ ۾ ٻه نظام نٿا هلي سگهن، انصاف سان گڏ وڏي اداري ۾ برابري جي نمائندگي گهرجي، پاڪ_آمريڪا لاڳاپا ايترا بهتر ناهن جيترا هجڻ گهرجن، ٽرمپ جي ڌيءُ ۽ ناٺي سان پراڻي دعا سلام آهي، پ پ پ چيئرمين پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ٻهراڙي سنڌ مان سپريم ڪورٽ ۾ ڪو جج هجي ها ته برابري جي ڳالهه هجي ها.