واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صلاحڪار ايلون مسڪ جي گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل نمائندي سان ملاقات، ايلون مسڪ ۽ امير سعيد ايراواني ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، ايراني سفير، ايلون مسڪ تي ايران تان آمريڪي پابنديون ختم ڪرڻ ۽ پنهنجو بزنس آڻڻ تي زور ڀريو.