ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تير هلي ويو، بلاول ڀٽو زرداري پاران مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوارن جي اڪثريت سان ڪاميابي تي شُڪر جو اظهار، چوي ٿو بي بي شهيد جا جيالا کٽي ويا، سمورن ڪامياب اميدوارن کي واڌايون ۽ شاباس، مڪاني چونڊن ۾ پارٽي جي ڪاميابي عوام جي اعتماد جو اهڃاڻ آهي، عوام هڪ ڀيرو ٻيهر نفرت ۽ ورهائڻ جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران به ڪاميابي تي پ پ اميدوارن کي واڌايون پيش، سندس چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي اميدوارن جي ڪاميابي ثبوت آهي ته سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ سندن منشور تي اعتماد ڪري ٿو.