اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف خرچ گهٽائڻ لاءِ صوبن کان ٽائيم لائين گهُري ورتي، پاڪستان جي دوري تي پهتل آءِ ايم ايف مشن جون پاڪستاني عملدارن سان ڳالهيون جاري آهن، آءِ ايم ايف مشن کي صوبن، خاص طور تي پنجاب جي گهُربل روينيو سرپلس ۾ ناڪامي تي خدشا، ذريعن موجب آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني عملدارن جي وچ ۾ اڄ ڳالهين جي پڄاڻي واري سيشن جو امڪان آهي.