لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۽ ملتان ۾ هيلٿ ايمرجنسي ڊڪليئر ڪئي وئي آهي، سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته لاهور ۽ ملتان ۾ ايندڙ جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي مڪمل لاڪ ڊائون ٿي سگهي ٿو، اربع تائين ٽرئفڪ ۽ اَي ڪيو آءِ جي صورتحال ڏسي فيصلو ڪيو ويندو، لاهور سموگ جي ور چڙهيل آهي، ڪوهيڙي جي سيزن به شروع ٿي وئي آهي، اي ڪيو آءِ ليولز انٽرنيشنل اسٽينڊرڊ موجب هن وقت سموگ هڪ نيشنل ڊزاسٽر بڻجي ويو آهي جيڪو هيلٿ ڪرائسز ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.