اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته غلط ۽ گمراهه ڪندڙ ڄاڻ جو تيزيءَ سان ڦهلجڻ هڪ اهم چئلينج آهي، عالمي سطح تي معيشت، فوج ۽ ٽيڪنالاجي ۾تبديليون ٿي رهيون آهن، دهشتگردي عالمي سطح تي انسانيت لاءِ هڪ اهم گڏيل چئلينج آهي. اسلام آباد ۾ مارگله ڊائلاگ 2024 جي تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان هميشه هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام تي زور ڏنو آهي، افغان حڪومت پنهنجي سر زمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏئي. دنيا ۾ امن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. سندس چوڻ هو ته عاليم سطح تي مذهبي، فرقيواريت ۽ نسلي بنيادن تي اڻ برابري، عدم برداشت ۽ ورڇ وڌي رهي آهي.