لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ سموگ ۾ گهٽتائي نه آئي، لاهور 766 ايئر پارٽيڪوليٽ ميٽرز سان دنيا ۽ ملڪ جو گدلو ترين شهر قرار، پنجاب جو شهر لوڌران 758 ايئر انڊيڪس سان ٻئي نمبر تي آهي ۽ روجهاڻ 495 ايئر انڊيڪس سان ٽئين نمبر تي آهي، سموگ ۽ ڪوهيڙي سبب حد جي نظر گهٽجڻ جي ڪري موٽر وي ايم ٽو، ايم ٿري، ايم فور ۽ ايم فائيو تي لاهور سيالڪوٽ موٽر وي مڪمل طور بند ڪيا ويا آهن.
