سلطان ڪوٽ (ويب ڊيسڪ) سلطان ڪوٽ ڀرسان مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو، 3 زخمي ٿي پيا، پوليس موجب دوست واهه وٽ ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار ملهار معرفاڻي مارجي ويو، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جوابدارن جي قبضي مان 3 موٽرسائيڪلون ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.