گپچاڻي (ويب ڊيسڪ) گپچاڻيءَ ڀرسان ڄام صاحب لنڪ روڊ تي مرزا شاخ وٽان هڪ اڻڄاتل نوجوان جو لاش هٿ آيو، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس لاش ڪڍرائي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب لاش ڪجھه ڏينھن جو پراڻو لڳي رهيو آهي، فوتي نوجوان جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.