اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو سينيٽر الياس احمد بلور لاڏاڻو ڪري ويو، مشهور صنعتڪار الياس بلور گڙدن جي عارضي سبب اسلام آباد جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، الياس احمد بلور عوامي نيشنل پارٽي اڳواڻ غلام احمد بلور جو ڀاءُ هو، سندس جنازي نماز سڀاڻي منجهند 2 وڳي باغ پشاور ۾ ادا ڪئي ويندي، صدر آصف علي زرداري پاران الياس بلور جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ وارثن سان تعزيت جو اظهار.