اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته اين ايف سي تي نظرثاني جي ضرورت نه آهي، ڪابينا اين ايف پي کي منظور ڪيو آهي، اين ايف پي جي منظوري تي خاص طور تي سنڌ جي وڏي وزير جا ٿورائتا آهيون، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ڪا به مني بجيٽ نه پئي اچي، 12هزار 9سئو 70ارب رپيا ٽئڪس اوڳاڙي جو هدف پورو ڪيو ويندو، اوڳاڙي کي انفورسمينٽ ۽ انتظامي قدمن سان بهتر ڪيو ويندو، آءِ ايم ايف سان حقيقتن جي بنياد تي کلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، عالمي مالياتي فنڊ وفد پاڪستان جي ڳالهه غور سان ٻڌي ۽ مطمئن نظر آيو.