ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار گمبٽ ۾ جهيڙي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي خيرپور کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، ضياءَ لنجار جو چوڻ آهي ته جهيڙو ختم ڪرائي علائقي ۾ قانون جي رٽ يقيني بڻائي وڃي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي پڪڙ ۾آندو وڃي، گمبٽ ۾ ٻن ڌرين جي جهيڙي دوران 11عورتن سميت 20 ڄڻا زخمي ٿيا هئا.