اسلام آباد (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي پاڪستان ۾ چئمپينز ٽرافي جي نمائش جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٽرافي جو پهريون ٽوئر اڄ اسلام آباد ۾ شڪرپڙيان ۾ ٿيندو، آءِ سي سي موجب 17نومبر تي ٽرافي ٽيڪسلا ۽ خانپور ويندي، 18نومبر تي ٽرافي ٽوئر ايبٽ آباد ۾ ٿيندو، 19نومبر تي مري ۽ 20 نومبر تي نٿيا گلي ۾ ٽرافي جي نمائش ڪئي ويندي، 22کان 25نومبر تائين ڪراچي ۾ ٽرافي جو ٽوئر ٿيندو.