تازہ ترین

آسٽريليا پاڪستان کي ٻين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 13 رنسن تان هارائي سيريز کٽي ورتي

سڊني (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا جي شهر سڊنيءَ ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٻين ۽ فيصلائتي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي شڪست ڏئي ٽي ٽوئنٽي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. ٻين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا مقرر اوورز ۾9 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون، آسٽريليا جي ميٿيو شارٽ 32 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، جڏهن ته ايرن هارڊي 28 ۽ گلين ميڪسويل 21 رنسون ٺاهيون. آسٽريليا جي 147 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان جي سموري ٽيم 137 رنسن تي 3 بال اڳ ڍير ٿي وئي، آسٽريلين ٽيم پاڪستان کي لاڳيتي ٻين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 13 رنسن تان شڪتس ڏيندي ٽي ٽوئنٽي سيريز 2-0 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات آغا محمد رضوان ۽ بابر اعظم ڪئي پر صرف 12 رنسن تي بابر اعظم 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، صاحبزاده فرحان به 5 رنسن جو مهمان رهيو. ملڪي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان 26 بالن تي 16 رنسون اسڪرو ڪيون جڏهن ته پاڪستان طرفنا عرفان خان آسٽريلوي بالرن سان جھيڙيندي 37 رنسون ٺاهيون. آسٽريليا طرفان اسپنر جانسن 5 پاڪستاني رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com