ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دفاع واري وزارت ۽ ڊفينس ايڪسپورٽ پروموشن آرگنائيزيشن پاران چئن ڏينهن واري عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز 2024 اڄ کان ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ شروع ٿي وئي، بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ نرالو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، علائقائي امن ۽ سماجي اقتصادي ترقي لاءِ رابطن کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي، پبلڪ پرائيويٽ سيڪٽر دفاعي پيداوار ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ڊي جي ڊيپو ميجر جنرل اسد نواز جنجوعه نمائش ۾ شريڪ ٿيندڙ مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته دفاعي نمائش اهميت جوڳي آهي، نمائش سان ملڪي دفاعي ۽ صنعت کي هٿي ملندي، دفاعي نمائش منعقد ڪرڻ تي هٿياربند فوج جا ٿورائتا آهن، اهڙي قسم جي نمائشن سان ملڪ جي دفاعي صنعت کي هٿي ملندي.