ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پهرين ڊسمبر تي ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ جي سڏ تي سھپ ۽ رواداري واري سنڌ جي سري هيٺ ثقافتي ڏھاڙو ملهائڻ جون سرگرميون جاري، سنڌي ٽوپي، اجرڪ، پٽڪي ۽ ٻين ثقافتي شين جي خريداري ۾ واڌ اچي وئي، مختلف شهرن ۾ قومي عيد جي آجيان جي سلسلي ۾ تقريبون، ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايون پيون وڃن.