اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ترقياتي بئنڪ وچ ۾ 50 ڪروڙ ڊالر قرض جو معاهدو ٿي ويو، پڌرائي موجب اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ۽ سيڪريٽري اڪنامڪ افيئرز ڊويزن معاهدي تي صحيحون ڪيون، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته قرض واري رقم پاڪستان موسمياتي تبديلي آفتن جي خطري ۾ گهٽتائي لاءِ خرچ ڪندو.