اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته مطالبا تسليم ڪيا وڃن ته احتجاج نه ڪنداسين، اسان جا مطالبا واضح آهن، پي ٽي آءِ جو مينڊيٽ چوري ٿيو جنهن جي اڄ ڏينهن تائين ٻڌڻي نه ٿي، سياست ۾ ڪا به شيءَ آخري ناهي هوندي، جيڪڏهن ڳالهين جو وقت آيو ته فيصلو پي ٽي آءِ باني ڪندو، باني جي ڀينرن جو سياست ۾ اچڻ جو ڪو به ارادو ناهي، بشريٰ بي بي بانيءَ جو پيغام پهچائي رهي آهي، سياسي ليڊرشپ کي باني سان ملڻ نه پيو ڏنو وڃي.