لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ اڄ تعليمي ادارا کُلي ويا، استادن، شاگردن ۽ اسڪول عملي لاءِ ماسڪ لازمي قرار ڏنو ويو، ڪوهيڙي، ڌنڌ ۽ هوائي گدلاڻ جي مسئلي جي ڪري لاهور ۽ ملتان ڊويزن ۾ تعليمي ادارا وڌيڪ هڪ هفتي تائين بند رهندا، هوٽل ۽ ريسٽورنٽس کي کولڻ ۽ بند ڪرڻ واري وقت ۾ تبديلي ڪئي وئي، هوٽل ۽ فوڊ آئوٽ ليٽس رات 10 وڳي تائين کولي رکڻ جي اجازت ڏني وئي، هوم ڊليوري تي ڪنهن به قسم جي پابندي نه هوندي، پنجاب حڪومت پاران اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. گدلاڻ ۾ گهٽتائي اچي وئي پر نظر جي خطرناڪ حد برقرار، دنيا جي 5 آلودا جي شهرن جي لسٽ ۾ پاڪستان جا ٻه شهر شامل، گدلاڻ جي عالمي رينڪنگ ۾ لاهور ٽئين ۽ ڪراچي پنجين نمبر تي اچي ويا، صبح جي وقت پنجاب جا ميداني علائقا ڌنڌ جي لپيٽ ۾، ڏسڻ جي حد گهٽجڻ بعد موٽر وي مختلف هنڌن تي بند ڪيا ويا.