اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو، ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي غور ڪيو ويندو، اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، چئني صوبن جا وڏا وزير، دفاع ۽ گهرو وزارت جا عملدار شريڪ ٿيندا، اجلاس ۾ امن امان، سيڪيورٽي صورتحال سميت اهم معاملن تي غور ڪيو ويندو، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني ويندي.