ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ٻارڙن کي بِگ ڪيچ اپ ٽُڪا لڳائڻ واري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جو چوڻ هو ته ھيءَ مهم 28 ڏينھن تائين جاري رهندي، جيڪي ٻارڙا پوليو جي خاتمي واري ويڪسينيشن کان رهجي ويا آهن انهن کي ويڪسينيشن ڪئي ويندي، ان سان ٻارن جي حفاظت ٿيندي.