اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي 24 نومبر واري احتجاج مان ڪجهه نه نڪرندو، 24 نومبر تي پاڻي جو ڦوڪڻو ٺهڻ وارو آهي، ٻيو ڪجهه ناهي ٿيڻو، پي ٽي آءِ جي هر مهيني احتجاج جو سڏ تبديل ٿيندو رهندو آهي، ماضيءَ ۾ به ليڊر جي ڳولا تي سياست ٿيندي رهي، هي سموري ڊرامي بازي پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ ٿي رهي آهي، سينيٽر فيصل واوڊا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته علي امين گنڊاپور اڄ ڪهڙو پيغام کڻي اڍيالا جيل ويو، ڪجهه عنصر ملڪ ۾ عدم استحڪام چاهين ٿا، باني کي بچائڻ لاءِ هاڻ پي ٽي آءِ وٽ ڪجهه ناهي بچيو، اوهان ڪڏهن ادارن تي ته ڪڏهن پوليس تي الزام مڙهي رهيا آهيو.