حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شاگرد مستقبل جا هيرو آهن، نوجوانن جي آئيڊياز کي اوليت ڏيڻ گهرجي حيدرآباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته نوجوان نوان تجربا ڪري پنهنجون صلاحيتون مڃرائي رهيا آهن، پيش ايندڙ چئلينجز جو حل رڳو نوجوانن وٽ آهي، حڪومت کي نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، سنڌ حڪومت ئي توانائي جي بحران جو حل ڪڍيو، نوري آباد ۾ هوا مان وڏي پئماني تي بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، سندس چوڻ هو ته شهيد بينظير ڀٽو ٿر جي ڪوئلي مان توانائي پيدا ڪرڻ جو بنياد رکيو، بلاول ڀٽو زرداري چوندو آهي ته نوجوانن کي اڳتي آڻڻو آهي، سنڌ حڪومت نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن، هن چيو ته پاڪستان خاص ڪري سنڌ جي نوجوانن کي هنرمند بڻائينداسين، نوجوان مايوس نه ٿين مضبوط قوم ۽ پاڪستان ٺاهينداسين. نوجوان نسل سوشل ميڊيا کي گارگند لاءِ استعمال نه ڪري، حيدرآباد ۾ به بي آر ٽي لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت جلد وڌيڪ منصوبا آڻيندي. شرجيل انعام ميمڻ پاران نوجوانن لاءِ اي وي ٽيڪسي جي فراهمي جو اعلان پڻ ڪيو ويو.