ٿرڙي محبت (ويب ڊيسڪ)ڀرسان ٻن سئوٽن مٿان فائرنگ، هڪ نوجوان قتل، ٻيو زخمي، ڳوٺ بوٿرو ۾ ھٿياربندن ڳوٺ ٻاھران ٻن سئوٽن مٿان فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب ڪاشف علي ڏھر قتل ۽ مھراڻ ڏھر سخت زخمي ٿي پيو، واقعي بعد مقتول جو لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل، پني عاقل ۾ بائجي ٿاڻي جي حد ڀيلار ھاءِ اسڪول جي خالي لاٽ مان پورھيت جو لاش هٿ، گهوٽڪي واسي بختيار چاچڙ جي نالي سان سڃاڻپ، لاش اسپتال منتقل.