اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان سعودي نائب گھرو وزير جي ملاقات ڪئي، ان دوران پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اسلام آباد ۽ رياض کي جاڙا شهر قرار ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز جي ملاقات ئي، سعودي جو سفير نواف بن سعيد احمد پڻ ملاقات ۾ شريڪ هو، ملاقات ۾ پاڪ سعودي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ، پيرا ملٽري فورسز ۽ پوليس جي گڏيل ٽريننگ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ، محسن نقوي اسلام آباد ۽ رياض کي جاڙا شهر قرار ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي، سعودي وزير تجويز تي اتفاق ڪيو ويو، تجويز تي وڌيڪ ضروري قدم کڻڻ جو فيصلو، ٻنهي اڳواڻن قيدين جي مٽاسٽا واري معاهدي تي عمل تي به اتفاق ڪيو.