تازہ ترین

بنون ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو، 12 جوان شهيد، 6 دهشتگرد به مارجي ويا

بنون (ويب ڊيسڪ) سڪيورٽي فورسز چيڪ پوسٽ ۾ دهشتگردن جي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، 12 جوان شهيد، 6 خارجي دهشتگرد به مارجي ويا. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته بنون جي علائقي مالي خيل ۾ سڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي، سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 12 جوان شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب خارجي دهشتگردن جي چيڪ پوسٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي سڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو، سڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ 6 خارجي دهشتگرد به مارجي ويا، دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ سان ٽڪرائي ڇڏي. آءِ ايس پي آر موجب شهيد ٿيندڙ اهلڪارن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 10 اهلڪار ۽ ٻه فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا اهلڪار شامل آهن، دهشتگردن جي حملي ۾ چيڪ پوسٽ جي ڀِت جو هڪ حصو به ڊهي پيو، آپگھاتي ڌماڪي سبب لاڳاپيل انفرا اسٽرڪچر کي به سخت نقصان پهتو  جنهن سبب 12 جوانن شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهن.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com