لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ باني پي ٽي آءِ عمران خان خان کي سمورن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ڏيڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فاروق حيدر عمران خان خلاف داخل ڪيسن جي تفصيلن لاءِ ان جي ڀيڻ نورين نيازيءَ طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران پنجاب جي گھرو کاتي ۽ وفاق طرفان باني پي ٽي آءِ تي داخل ڪيسن جون سموريون رپورٽون عدالت ۾ پيش ڪيون ويون. عدالت کي ٻڌايو ويو ته باني پي ٽي آءِ عمران خان خلاف اسلام آباد پوليس 62 ڪيس داخل ٿيل آهن ۽ پنجاب جي حدن ۾ 54 ڪيس داخل آهن. ٻڌڻيءَ دوران درخواست گذار جي وڪيل عدالت کان درخواست ڪئي ته عمران خان کي سمورن ڪيسن ۾ ضمانت ڏني وڃي، ان تي جسٽس فاروق حيدر چيو ته منهنجي ويجھو گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت ۾جوابدار جو عدالت جي روبرو پيش ٿيڻ ضروري آهي. بعد ۾ عدالت سمورين رپورٽن جي روشنيءَ ۾ درخواست اڪلائي ڇڏي. هوڏانهن توشاخانا ٽو ڪيس جي پي ٽي آءِ باني جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. گذريل ٻڌڻيءَ ۾ عدالت ايف آءِ اي ۽ پي ٽي آءِ باني جي وڪيل کان دليل طلب ڪيا هئا، توشاخانا ٽو ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي ضمانت ٿي چڪي آهي. ٻڌڻيءَ دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پي ٽي آءَ حڪومتي دور تي رماڪس ڏيندي چيو ته گذريل حڪومت توشه خانه جا تفصيل نه ٻڌائيندي هئي، اسان پڇندا هئاسين ته اسان کان به توشي خاني جا تفصيل لڪائيندي هئي. ٻڌڻيءَ دوران ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عمير مجيد ملڪ ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.