اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي گهُري ورتي، مسلم ليگ (ن) پيپلزپارٽي جي حمايت جو اشارو ڏئي ڇڏيو، پيپلز پارٽي جي سينيٽر سليم مانڊوي والا قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق کي خط لکي پي اي سي ميمبرن جي ريڪيوزيشن تي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو، ذريعن موجب پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي 11 ميمبرن ريڪيوزيشن جمع ڪرائي ڇڏي، اسپيڪر هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ انصاف کان پي اي سي جي سربراهي لاءِ نالا گهُري ورتا.