اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، توشاخانا ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي 10-10 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ساڳئي ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي اڳ ئي ضمانت منظور ٿي چڪي آهي.