ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاق سان معاملن بابت ڳالهين لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، پ پ چيئرمين پاران جوڙيل ڪاميٽي ۾ راجا پرويز اشرف، نويد قمر شيري رحمان، وڏو وزير سيد مرادعلي شاهه ۽ بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي شامل، مخدوم احمد محمود، گورنر پنجاب سردار سليم حيدر، گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي به ڪاميٽي جو حصو هوندا. ڪاميٽي وفاقي سرڪار سان معاملا اٿاريندي ۽ ان بابت سي اي سي اجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪندي.