تازہ ترین

موسيقار اي آر رحمان جي گهرواري پاران 29 سالن بعد مڙس کان ڌار ٿيڻ جو اعلان

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) ڀارت جي ناليواري موسيقار اي آر رحمان جي گهرواري سائرا بانو شادي جي 29 سالن کانپوءِ مڙس کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڀارتي ميڊيا مطابق ناليواري ڳائڻي اي آر رحمان جي شادي 1995ع ۾ ٿي هُئي، شادي جي 29 سالن کان پوءِ سندس گهرواري سائرا بانو ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو. رپورٽ موجب، سائرا بانو جي وڪيل وندنا شاهه طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ڪيترائي سال شادي بعد سائرا پنهنجي مڙس اي آر رحمان کان عليحدگي جو ڏکيو فيصلو ڪيو آهي، اهڙو فيصلو هُن مڙس سان لاڳاپن ۾ جذباتي دٻاءُ سبب ڪيو آهي. بيان موجب سائرا بانو ۽ اي آر رحمان جي هڪ ٻئي سان محبت جي باوجود انهن جي رشتي ۾ پيدا ٿيل تڪرار سبب ويڇا وڌي ويا. سائرا بانو پنهنجي جذباتي خيالن جو ذڪر ڪندي عوام کي رازداري جي اپيل ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته اهڙو فيصلو تڪليف ۽ اذيت جي عالم ۾ ڪيو ويو آهي، عوام کي درخواست ڪجي ٿي ته سندس مشڪل دور ۾ سمجهداري جو مظاهرو ڪيو وڃي ۽ کين سُڪون سان رهڻ ڏنو وڃي. ياد رهي ته اي آر رحمان ۽ سائرا بانو جي شادي 1995ع ۾ ٿي هُئي، ٻنهي جا ٽي ٻار به آهن. ٻئي طرف موسيقار اي آر رحمان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هنن شادي 30 سالن تائين هلڻ جي اميد ڪئي هُئي پر هن دنيا ۾ هر شيءَ جي پڄاڻي ٿيڻي آهي، ٽٽل دلين جي بار کان خدائي تخت به لڏي سگهي ٿو. اي آر رحمان لکيو ته ڏکئي وقت مان گذرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، وکريل ٽڪڙا واپس جُڙي نٿا سگهن، پنهنجي دوستن ۽ چاهيندڙن جو ٿورائتو آهيان، جن نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com