دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽرن جي نيئن رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، آءِ سي سي پاران جاري ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جو ٽريوس هيڊ جو پهريون نمبر برقرار آهي جڏهن ته انگلينڊ جو فل سارٽ ٻئي نمبر تي موجود آهي، ڀارت جو تلڪ ورما مٿانهون ٽپ ڏئي 69 درجا ترقيءَ بعد ٽئين نمبر تي اچي ويو، فهرست ۾ ڀارت جو سوريا ڪمار هڪ درجو هيٺ اچڻ بعد چوٿين، بابر اعطم هڪ درجو هيٺ اچڻ بعد پنجين ۽ محمد رضوان هڪ درجو هيٺ اچڻ بعد چهين نمبر تي اچي ويو، بالرن جي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جو عادل رشيد جو پهريون نمبر آهي، فهرست ۾ سريلنڪن بالر وينندووسرنگ ٻئي ۽ آسٽريليا جو ايڊم زمپا 5 درجا ترقيءَ بعد ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي.